سيد صادق علي شاهه سبزواري

سيد صادق علي شاهه، سبزواري: نامياري وڪيل سيد صادق علي شاهه سبزواريءَ جو سيوهڻ شهر جي تعليم يافته شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو. شاهه صاحب ڪجھه وقت سيوهڻ جي ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو، بلند خيال ۽ خدمت ڪرڻ واري جذبي کيس سيوهڻ جي ماڻهن ۾ هر دلعزيز بڻايو.
سيد صادق علي شاهه سبزواري هڪ قابل زميندار ۽ وڪيل هئڻ سان گڏ هڪ همدرد ۽ ڀلائي ڪندڙ انسان هو. ملڪ جي ڪيترن ئي نامور سياسي توڙي سماجي رهنمائن سان شاهه صاحب جا سٺا تعلقات هوندا هئا.
حضرت لعل شهباز قلندر جي سجاده نشين هئڻ ڪري پوري ملڪ جا حڪمرا ن ۽ سياسي ليڊر سندس وڏو احترام ڪندا هئا. ڪڏهن به باقاعدي ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل نه رهيو. سندس خيال هو ته طاقت جي سياست کان بهتر آهي ته شراڪت واري سياست ۾ بهرو وٺجي. شـراڪت جـي سـياست مان سندس مراد ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرائڻ واري سياست هئي، جنهن ذريعي صاحب اقتدار توڙي مخالف ڌار جي سياستدانن کي بي لوث جذبي سان ڪم ڪرڻ گھرجي.
سيد صادق علي شاهه حڪيم محمد مراد صديقيءَ جو همعصر ۽ هم درس هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو